پِيلو باز

پِيلو باز: باز جو هيءُ قسم سياري جي مند ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيندو آهي. هن باز جي نر جو رنگ ڀورو سليٽي ۽ پيٽ اڇو ٿيندو آهي. ماديءَ جو رنگ اڃا به زياده هلڪو ٿيندو آهي. هن جي جسم جي ڊيگهه 18 کان 20 انچن تائين ٿيندي آهي. جهنگل کان پري رهندو آهي. هيءُ پکي اڪيلو زمين کان ڇهه ست فوٽ مٿي شڪار جي ڳولا ۾ اڏامندو رهندو آهي. ڍءُ ڪيل باز، پوٺي تي يا ڪنهن ٻوٽي تي ويهي آرام ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو